دلربا/ طائوس

دلربا/ طائوس

دلربا طائوس

دلربا/ طائوس (ساز): هي تار ونش سان تعلق رکندڙ ساز آهي، جيڪو ستار ۽ سارنگيءَ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. اسراج (ساز) کان قد ۾ ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن ساز کي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ اڪيلو يا سنگت ۾ وڄايو ويندو آهي. هن جي هڪ پاسي مور جي منڍي ۽ ٻئي پاسي مور جو خوبصورت پڇ هوندو آهي ته ان کي شاهي ساز طائوس سڏيندا آهن، جيڪو هندستان، پاڪستان توڙي يورپ ۾ وڄايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. هن ۾ سُر ستار واري جهنڪار ۽ سارنگيءَ جو آلاپ ٻئي خوبصورت انداز ۾ سمايل آهن. توڙي جو هن جي وڄائڻ جا ماهر گهٽ آهن، پر پوءِ به مست ڪندڙ ساز آهي. هن جي آوازي کوکي تي جيڪو ڪاٺ يا ڪدوءَ جو ٺهيل آهي، چمڙيءَ جي کل چڙهيل هوندي آهي. ان جي ڏنڊي ستار وانگر ڊگهي ٿئي. طبلي (آوازي کوکي) کان تارون ڳٽين ڏانهن وينديون آهن. وچ ۾ پتل يا ٽامي جا بند يا طربون ٿين، جن تي آڱريون سَٽي گهربل سرگم ڪڍبو آهي. ڳٽين ذريعي تارن کي ڇڪي سبتڪ جي آواز تي بيهاريو ويندو آهي. هڪ هٿ سان گز ۽ ٻئي هٿ سان ڇيڙ ڪري راڳ ڪڍبو آهي. هي ساز ٻن سبتڪن ۾ ورهايل آهي. هڪ مندر سبتڪ ۽ ٻيو تار سبتڪ- استادن تارن جي ترتيب ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي. پهريون پردو يا تار تيور مڌم، ٻيو پنچم، ٽيون ڪومل ڌيوت، چوٿون شڌ ڌيوت، پنجون ڪومل نکاد، ڇهون شڌ نکاد، ستون کرج، اٺون شڌ رکب، نائون ڪومل گنڌار، ڏهون شڌ گنڌار، يارهون شڌ مڌم، ٻارهون تيور مڌم، تيرهون پنچم مڌم، چوڏهون ڪومل ڌيوت، پندرهون شڌ ڌيوت، سورهون شڌ نکاد، سترهون ٽار سبتڪ جي کرج سان ارڙهون تار سبتڪ جي رکب سان ۽ اوڻيهون تار سبتڪ جي رکب سان.
بدقسمتيءَ سان هن ساز جو زوال هيٺ آيل ساز آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪٽرانڪ سازن جي گهڻائي ۽ سولائيءَ واري وڄت جتي ٻين ڪلاسيڪل سازن کي ڌڪيو آهي، اُتي هي ساز به گهٽ وڄائڻ ۾ اچي ٿو.
هن ساز جي قابل وڄائڻ وارو استاد پنڊت رانا ڌير راءِ هو، جنهن 1988ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. رانا ڌيو راءِ، اشيش بندو پانڊيه جو شاگرد هو ۽ پاڻ موسيقيءَ جو استاد هو ۽ وشوِ ڀارتي يونيورسٽي شانتينيڪتن ۾ ميوزڪ ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر هو. هن کان پوءِ ڪو ايڏو وڏو استاد پيدا نه ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو